تاريخ اور روشني

تاريخ اور روشني

تاريخ اور روشني

تاريخ اور روشني (اردو ڪتاب ):ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو اردوءَ ۾ لکيل هي ڪتاب، نگارشات لاهور پاران 1986ع ۾ ڇپيو، ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ هن ڪتاب ۾ تاريخ ۽ تاريخ جي فلسفي، تاريخ ۾ گردش جي نظريي، تاريخ جي مذهبي نظريي، تاريخ ۾ ترقيءَ جي نظريي، تاريخ جي مادي نظريي، تاريخ، تبديلي ۽ زباني تاريخ، تاريخ جي نقصانن ۽ فائدن، تاريخ ۽ عوام کان سواءِ پاڪستان ۾ تاريخ جي الميي تي لکيو آهي. هن ڪتاب جو مطالعو تاريخ جي شاگردن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. ڊاڪٽر صاحب هي ڪتاب ان وقت لکيو هو، جڏهن هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شعبه تاريخ جو چيئرمين هو. ڊيمي سائيز جي 155 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت فقط 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو